شيخ عزيز

شيخ عزيز

شيخ عزيز

شيخ عزيز: برک صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز، 9 ڊسمبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. انٽر تائين تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي، جڏهن ته ‘ٿامس ڪاليج آف جرنلزم لنڊن’ (Thomas College of Journalism London) مان 1968ع ۾ گريجوئيشن ڪئي. هن پنھنجي صحافتي زندگيءَ جي شروعات 1957ع ۾ روزاني ‘ڪاروان’ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر طور ڪئي. 1958ع کان 1961ع تائين روزاني ‘عبرت’ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر رهيو. 1961ع کان 1965ع تائين ’عبرت‘ ۾ سينئر سب ايڊيٽر رهيو. 1965ع کان 1975ع تائين ساڳي اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ مئگزين ايڊيٽر رهيو. 1976ع ۾ ايڊيٽر هفتيوار ‘آبزرور‘ مقرر ٿيو. 1977ع کان 1980ع تائين ايڊيٽر روزاني ‘سنڌ نيوز‘ مقرر ٿيو. 1980ع ۾ روزاني ‘جنگاخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ مئگزين ايڊيٽر رهيو. جڏهن ته 1982ع کان 1987ع تائين روزاني ‘حريت’ ڪراچيءَ ۾ مئگزين ايڊيٽر ۽ 1987ع کان 1989ع تائين نيوز ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنھنجون ذميواريون انجام ڏنيون. 1989ع ۾ انگريزي اخبار روزاني ‘ڊان ’ ۾ سينئر سب ايڊيٽر ۽ نائيٽ ايڊيٽر، جڏهن ته 2000ع کان 2008ع تائين ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ انچارج رهيو. پاڻ 2008ع کان 2011ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمئن به رهيو. شيخ عزيز جون تحقيق جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جي سنڌي لغت جي تياري واري رٿا ۾ 1956ع کان 1957ع تائين ريسرچ اسسٽنٽ رهيو. ساڳين سالن ۾ هن حڪومت پاڪستان جي ‘سنڌي اردو لغت’ جي تياري ۾ ريسرچ اسسٽنٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. 1957ع کان 1960ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي ‘سنڌي لوڪ ادب رٿا’ ۾ به ريسرچ اسسٽنٽ جي حيثيت ۾ پنھنجون ذميواريون نڀايون. 1978ع ۾ هن Rise and Fall of Writing, Studies in Human Communication جي موضوع تي انگريزيءَ ۾ مونوگراف لکيو. سندس تصنيفن ۾: ‘سنڌ جون پراسرار ڪھاڻيون’ (1960ع)، الحمرا جا داستان (1961ع)، ‘انتخاب’ (ترتيب: سنڌي ڪھاڻيون 1963ع)، ‘نقش لطيف’ (شاهه لطيف جي زندگي ۽ شاعريءَ تي لکيل مقالا: ترتيب: 1964ع)، ‘عملي صحافت’ (1975ع)، ‘مون لينن جو ڏيھه ڏٺو’ (سفرنامو: 1976ع)، The Tribute (2007ع)، ‘تقسيم کان تقسيم تائين’ (پاڪستان جي سياسي تاريخ : 2008ع) Khirthar (2006ع)، ‘سندهه ڪي محلاتي داستانين’ (2009ع)، A History of Sindhi Literature (2008ع)، The Origin and Evolution of Sindhi Music (2008ع)، ‘ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ’ (2007ع)،Notes on Sindh، (2009ع)، ‘راڳ ساگر‘ (2004ع)، Bhutto-Memories and Remembrances (1993ع)، Preface to the Catalogue of Books (1972ع)، A Compendium of the Poetry of Shah Latif in Four Languages with Appropriate Musical Narrations (2006ع)، ‘برصغير ۾ موسيقي لکڻ جي روايت (2010ع)، ‘ڀٽو کان ضياءَ تائين’ (2012ع)، Musical Notes (2010ع)، ‘دارون ۽ ڪارون’ (آتم ڪٿا: 2019ع) ۽ چنگ (انگريزي: 2021) وغيره شامل آهن. پاڻ 1963ع ۽ 1966ع ۾ حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر، 1974ع ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو صدر، 1978ع کان 1980ع تائين سنڌ يونيورسٽي جي صحافت واري شعبي ۾ وزيٽنگ پروفيسر ۽ 2008ع ۾ مرزا قليچ بيگ چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو. 3000 جي لڳ ڀڳ سندس مضمون سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. ملينيم جي حوالي سان پاڪستاني موسيقيءَ تي لکيل سندس مقالو ‘دي ٽريڊيشن گوز آن’ جي عنوان سان آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ پنھنجي يادگار ڪتاب ۾ شامل ڪيو. سندس هڪ مقالو ‘عالمي غلامي’ جي عنوان سان 2003ع ۾ جانسبرگ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو، جيڪو بعد ۾ اقوام متحده پنھنجي سرڪاري رڪارڊ جي حصي طور محفوظ ڪيو. موسيقيءَ جي ڄاڻو هئڻ جي حيثيت ۾ هن جا مقالا ملڪ کان ٻاهر به ڇپيا آهن. کيس سندس خدمتن تي ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن، جھڙوڪ: 1. Silver Jubilee Award of Excellence, Sindh University1998. 2. Literary Excellence Award, University of Karachi1999. 3. Diplae Excellence Award of Journalism 2000. 4. Taraqi Pasand Literary Award 2001. 5. Sindh Public Library Award 2019. شيخ عزيز پاڪستان جي سياسي تاريخ تي گهڻو ڪم ڪيو. هن 7 آڪٽوبر 2018ع تي دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين پھلوان ڳوٺ واري قبرستان ۾ ٿي. سندس هڪ پٽ طارق عزيز شيخ مشھور اديب ۽ صحافي آهي.


لفظ شيخ عزيزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.12.09  عيسوي

برک صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز، 9 ڊسمبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.


2018.10.07  عيسوي

شيخ عزيز 7 آڪٽوبر 2018ع تي دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين پھلوان ڳوٺ واري قبرستان ۾ ٿي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آصف رضا موريو
رياض حسين ميمڻ
اظهار سومرو
رڪ سنڌي
خير محمد کوکر
اي بي راجپوت
سهيل سانگي
جمال الدين لانگاهه
امان الله چانڊيو سنڌي
عبدالرحمان قاضي1
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون